دادو ۾ هٿرادو مهانگائي جو جن بوتل مان نڪتل،
دادو ۾ هٿرادو مهانگائي جو جن بوتل مان نڪتل،l ڪامورا ننڍ ستل پرائيز ڪنٽرول اٿارٽي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندا منافع خور دوڪاندارن ۽ واپارين سان ڀاڱي ڀائيوار بڻيل. شھرين جا ٻئي ھٿ مٿي تي ٽي ويلا ماني کائڻ غريبن لاء خواب بڻجي ويو جڏهن ته ڪرپشن جي پيسن مان چونڊيل نمائندا آفيسر سياسي سماجي اڳواڻ عياشيون ڪرڻ ۾ مشغول آهي ڳاٽي ٽوڙ ھٿرادو مھنگائي سب مرغي کي پر لڳي ويا، 700 روپيه ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳي.بصرن جو ڊالر سان مقابلو في ڪلو 280 روپيه وڪرو ٿيڻ لڳو. سگريٽن جا اگھ به ھٿرادو مھانگا ڪيا ويا۔ سگريٽ منافع خور دوڪاندارن زخيرو ڪري ڇڏيا جيڪي من پسند اگھ تي فروخت ٿيڻ لڳا ضلعي انتظاميا، مارڪيٽ ڪاميٽي توڙي پرائيز ڪنٽرول اٿارٽي جا ڪامورا گم حصيوار بڻيل .هٿرادو مهانگائي ڪندڙ منافع خور عوام کي ٻنهي هٿن سان ڦرڻ لڳا. هٿرادو مهانگائي غريب مسڪين ماڻهن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي، غريب مسڪين ماڻهو ٻه ويلها ماني کائڻ لاءِ به پريشان آهن پر ڪنهن به نوٽيس نه وتو
Comments
Post a Comment